اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، تحمل ۽ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ رابطو، خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خراب ٿيندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، تحمل ۽ بردباري ۽ عالمي قانونن جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ مصر جي مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ تعميري سفارتي ڪوششن جي حمايت ۾ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











