اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي لبنان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريندي امن جي ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ لبنان جي وزيراعظم نواف سلام جي وچ …
وزيراعظم شهباز شريف پاران لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت، لبناني عوام سان يڪجهتي جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي لبنان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريندي امن جي ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ لبنان جي وزيراعظم نواف سلام جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن اسرائيلي حملن سبب قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ لبناني عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن لبناني قيادت کي لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ۽ امن جي ڪوششن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي حملن ۽ ڀائر نار ملڪن تي جوابي حملن کانپوءِ خطي ۾ تازي ڇڪتاڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن جلد کان جلد خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ امن جي بحالي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم نواف سلام هن مشڪل وقت ۾ لبنان سان يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا ادا ڪيا.











