پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني پاران تنظيمي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي تي ڪراچي جي مختلف ضلعن سان لاڳاپيل پارٽي عهديدارن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ جي صوبائي وزير محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني تنظيمي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي مختلف ضلعن سان لاڳاپيل پارٽي عهديدارن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. معطل ڪيل عهديدارن ۾ ضلع وسطي جي تڪ پي ايس 127 جي صدر رضوان رفيق، ضلع ڏکڻ جو …

ڪراچي-04 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ جي صوبائي وزير محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سعيد غني تنظيمي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي مختلف ضلعن سان لاڳاپيل پارٽي عهديدارن کي فوري طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. معطل ڪيل عهديدارن ۾ ضلع وسطي جي تڪ پي ايس 127 جي صدر رضوان رفيق، ضلع ڏکڻ جو فنانس سيڪريٽري اقبال ڪاڪڙ ۽ ضلع ڪورنگي جو پبلڪ رليشن سيڪريٽري سائين بخش بنگلاڻي شامل آهن. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل خبر موجب انهن تي تنظيمي ضابطن ۽ پارٽي نظم جي خلاف ورزي جا الزام هئا، جن جي بنياد تي کين پنهنجي عهدن تان هٽايو ويو آهي. خبر موجب سعيد غني چيو آهي ته ضلع وسطي ۾ پي ايس 127 جي سينيئر نائب صدر عبدالواحد ڇٽو کي عبوري طور تي پي ايس 127 جو وقتي صدر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو نون حڪمن تائين ذميواريون نڀائيندو. هن چيو ته سڀني معطل ڪيل عهديدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجو موقف ۽ صفائي لکت ۾ پنج ڏينهن اندر پارٽي قيادت آڏو پيش ڪن. هن واضح ڪيو ته معطلي واري عرصي دوران اهي عهديدار نه ته پارٽي جي ڪنهن به پروگرام ۾ شرڪت ڪري سگهندا ۽ نه ئي ڪنهن به فورم تي پارٽي جي نمائندگي ڪري سگهندا. سعيد غني وڌيڪ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مقرر ڪيل مدي اندر معطل ڪيل عهديدار پنهنجو وضاحتي بيان جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا ته انهن خلاف وڌيڪ سخت تنظيمي ڪارروائي پڻ ڪري سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته پارٽي ۾ نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به سطح تي ضابطن جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي.