آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان رجيم جا 481 ڇاڙتا ماريا ۽ 696 کان وڌيڪ زخمي ٿيا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 4 مارچ 2026ع ٽپهر 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 481 ڇاڙتا ماريا ۽ 696 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 226 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 35 چيڪ پوسٽن تي …

اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) آپريشن غضب الحق دوران 4 مارچ 2026ع ٽپهر 4 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 481 ڇاڙتا ماريا ۽ 696 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته آپريشن غضب الحق دوران افغان طالبان جون 226 چيڪ پوسٽون تباهه ٿيون جڏهن ته 35 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو. اهڙي طرح 198 ٽينڪ، بڪتربند گاڏيون ۽ آرٽلري گنز (توپون) تباهه ڪيون ويون. سڄي افغانستان ۾ 56 جاين کي فضائي ڪارروائي ۾ موثر طور تي نشانو بڻايو ويو.

مزید خبریں