خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان گڏجي ايران جي سفارتخاني جو دورو

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان گڏجي اسلام آباد ۾ اسلامي جمهوريه  ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ايراني سفارتخاني جي وزيٽرز بڪ ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي پنهنجو تعزيتي نوٽ لکيو. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايراني سفير رضا اميري …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اڳوڻي وفاقي وزير ساجد حسين طوري سان گڏجي اسلام آباد ۾ اسلامي جمهوريه  ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ايراني سفارتخاني جي وزيٽرز بڪ ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي پنهنجو تعزيتي نوٽ لکيو. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايراني سفير رضا اميري مقدم سان به ملاقات ڪئي ۽ ايراني سفير سان شهيد آيت الله علي خامنه اي ۽ سندس ساٿين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. گورنر چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام طرفان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان، خيبرپختونخوا سميت سڄي پاڪستان جو عوام ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت تي ڏکويل آهي، ايراني سپريم ليڊر هڪ عظيم مقصد خاطر بهادري سان شهادت جو عظيم رتبو ماڻيو. هن چيو ته آيت الله خامنه اي جي شهادت مسلمان امت جو تمام وڏو نقصان آهي، ايران جي حڪومت ۽ ايراني عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ايراني سپريم ليڊر جي شهادت تي پاڪستان ۾ هر اک آلي ۽ دل ڏکويل آهي. گورنر ايران جي خودمختياري ۽ سالميت يقيني بڻائڻ لاءِ ايراني حڪومت ۽ ايراني عوام جي جذبي ۽ اتحاد کي سلام پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته ايران پاڪستان جو اسلامي برادر ملڪ آهي، ايراني عوام جي ڏک، خوشي سميت هر موقعي تي ساڻن گڏ بيٺل آهيون. ايراني سفير رضا اميري مقدم ڏک ونڊڻ ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ ايراني سفارتخاني اچڻ تي گورنر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته گورنر ۽ خيبرپختونخوا جي عوام جو ايراني عوام سان همدردي جي اظهار ۽ تعزيت تي ٿورائتا آهيون، سپريم ليڊر جي شهادت تي مسلمان امت ۾ وڏو ڏک ۽ ڪاوڙ آهي، اسرائيل تمام وڏو ڏوهه ڪيو آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا سميت پاڪستان جو عوام هميشه وانگر هن ڀيري به پنهنجي برادر ايراني عوام سان محبت ۽ عقيدت جو لازوال مثال قائم ڪيو آهي.

مزید خبریں