وفاقي وزير احسن اقبال پاران انرجي چائنه پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر جو درو، نمائش هال جو معائنو

اسلام آباد-04 مارچ ( اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال انرجي چائنه پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، ڌرين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي عزم جو ورجاءٌ ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير ايگزهيبيشن هال جو معائنو ڪيو ۽ سي پيڪ تحت توانائي جي شعبي ۾ حاصل ڪيل اهم سنگ ميل جو جائزو ورتو. ان …

اسلام آباد-04 مارچ ( اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال انرجي چائنه پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، ڌرين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي عزم جو ورجاءٌ ڪيو. بعد ۾ وفاقي وزير ايگزهيبيشن هال جو معائنو ڪيو ۽ سي پيڪ تحت توانائي جي شعبي ۾ حاصل ڪيل اهم سنگ ميل جو جائزو ورتو. ان موقعي تي گڏيل تعاون، جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه سي اي اي سي قيادت ۽ پراجيڪٽ ٽيمن سان اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سکي ڪناري هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ، مهمند ڊيم ۽ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سميت اهم منصوبن تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو . انهن منصوبن ذريعي پن بجلي جي ترقي کي تيز ڪندي توانائي جي تحفظ ۽ ترقي جي گڏيل عزم کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي. اجلاس  ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته انهن منصوبن جي وقت سر پڄاڻي سان توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پروفيسر احسن اقبال پاليسي جي تسلسل، سيڙپڪاري جي تحفظ ۽ شفاف عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت صنعتي تعاون، گرين انرجي ۽ علائقائي رابطي کي هٿي ڏيڻ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. سندس چوڻ هيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط لاڳاپن، پائيدار ترقي ۽ علائقائي خوشحالي طرف گڏيل اڳڀرائي جي عڪاسي آهي.

مزید خبریں