پيٽروليم واري وفاقي وزير سان سعودي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير سعودي سفير کي موجوده صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي بندش جي عالمي توانائي منڊين تي اثرن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد-04 مارچ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير سعودي سفير کي موجوده صورتحال ۽ آبنائي هرمز جي بندش جي عالمي توانائي منڊين تي اثرن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان روزانو جي بنياد تي بدلجندڙ صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي ٻارڻ جي وڏي حصي جي فراهمي آبنائي هرمز ذريعي ٿيندي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پنهنجي عوام لاءِ توانائي جي فراهمي جي سلسلي ۾ تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ فعال قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ سعودي عرب جهڙي برادر ملڪ جي حمايت پاڪستان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي ذريعي ڳاڙهي سمنڊ ۾ واقع سعودي بندرگاهه ينبع ذريعي سپلائي جي سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي آهي جيڪا توانائي جي ضرورتن کي پوروڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. علي پرويز ملڪ سعودي عرب جي مسلسل حمايت تي ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب اڳ ئي پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ ڪچو تيل کڻڻ لاءِ هڪ جهاز کي پاڪستان کان ينبع روانو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ينبع بندرگاهه تان تيل جي سپلائي کي پاڪستان لاءِ ترجيح ڏني ويندي. سعودي سفير چيو ته بدلجندڙ صورتحال کان پوري طرح آگاهه آهيون ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سعودي عرب ڪنهن به هنگامي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان مضبوطي سان گڏ بيٺل رهندو، هن زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب برادر ملڪ آهن ۽ آزمائش ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهندا.

مزید خبریں