اسلام آباد - 4 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس شروع ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن کي پاڪستان، افغانستان جي صورتحال ۽ خطي، خاص طور تي وچ اوڀر ۽ نار ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺندو. اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻن کي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس شروع، وزيراعظم پاڪ، افغان صورتحال سميت خطي، خاص طور تي وچ اوڀر ۽ نار ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 4 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن جو اجلاس شروع ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن کي پاڪستان، افغانستان جي صورتحال ۽ خطي، خاص طور تي وچ اوڀر ۽ نار ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺندو. اجلاس ۾ پارلياماني اڳواڻن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني ويندي. اجلاس ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان، قومي اسيمبلي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو امير مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، عبدالعليم خان (استحڪام پاڪستان پارٽي)، خالد حسين مگسي (بلوچستان عوامي پارٽي)، خالد مقبول صديقي (متحده قومي موومينٽ)، چوڌري سالڪ حسين (پي ايم ايل ق)، سيد مصطفيٰ ڪمال (متحده قومي موومينٽ)، راڻا مُبشر اقبال، وزيراعظم جو خاص مددگار راڻا ثناءُالله اقبال، وزير اعظم جو خاص معاون طلحه برڪي، سينيٽر شيري رحمان (پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز)، انوارالحق ڪاڪڙ، منظور احمد ڪاڪڙ (بلوچستان عوامي پارٽي)، پرويز رشيد (پاڪستان مسلم ليگ ن)، حافظ عبدالڪريم، فيصل سبزواري (متحده قومي موومينٽ)، جان محمد (نيشنل پارٽي)، قومي اسيمبلي جا ميمبر سيد نويد قمر (پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز)، ڊاڪٽر فاروق ستار (متحده قومي موومينٽ)، امين الحق (متحده قومي موومينٽ)، پولين بلوچ (نيشنل پارٽي) اجلاس ۾ شريڪ آهن.











