هندو برادري اسان جي معاشري جو قيمتي حصو آهي : وزيراعظم محمد شهباز شريف جون هولي جي ڏڻ جي موقعي تي مُبارڪُون

اسلام آباد- 4 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي سندن مذهبي ڏڻ "هولي" جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ پاڪستان جي گهڻ رُخي ثقافت جو مظهر ۽ معاشرتي هم آهنگي جو عڪاس آهي، هندو برادري اسان جي معاشري جو هڪ قيمتي حصو آهي، جنهن جو سماجي هم آهنگي، اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پرامن گڏيل بقا ۾ مثبت ڪردار آهي. اهڙن …

اسلام آباد- 4 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي سندن مذهبي ڏڻ "هولي” جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي ڏڻ پاڪستان جي گهڻ رُخي ثقافت جو مظهر ۽ معاشرتي هم آهنگي جو عڪاس آهي، هندو برادري اسان جي معاشري جو هڪ قيمتي حصو آهي، جنهن جو سماجي هم آهنگي، اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پرامن گڏيل بقا ۾ مثبت ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هولي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هندو برادري جي مذهبي ڏڻ هولي جي موقعي تي، هو پاڪستان جي هندو برادري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته هولي جو ڏڻ خوبصورت رنگن جي ميلاپ سان سماجي هم آهنگي جي عڪاسي ڪري ٿو، ان جون روايتون پاڪستان جي گهڻ رُخي ثقافت جون مظهر آهن. هن چيو ته هندو برادري اسان جي سماج جو هڪ قيمتي حصو آهي، جنهن جو ملڪ جي سماجي هم آهنگي، مُعاشي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پرامن گڏيل بقا ۾ مثبت ڪردار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو آئين بنا ڪنهن رنگ، نسل، مذهب ۽ عقيدي جي فرق جي سڀني شهرين لاءِ مذهبي آزادي ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت سڀني اقليتن جي آئيني حقن جي محافظ آهي، ان حوالي سان حڪومتي قدم بين المذاهب هم آهنگي پاليسي (2025ع) ۽ مذهبي رواداري جي حڪمت عملي (2025ع) نمايان آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف، بين المذاهب ڳالهه ٻولهه، عبادتگاهن جي حفاظت ۽ گڏيل احترام جي سماجي روش جي فروغ لاءِ هڪ قوم جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي دعوت ڏني ته اچو ته اڄ ان قومي عزم کي ورجايُون ته اسان رواداري، همدردي ۽ يڪجهتي جي قدرن سان گڏ پرامن، گڏيل ۽ خوشحال مستقبل لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين.

مزید خبریں