اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ سمورين ڌرين تي وڌ کان وڌ تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيندي ويجهي ۽ مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …
وزيراعظم شهباز شريف جي جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ سمورين ڌرين تي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه وچ اوڀر ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ سمورين ڌرين تي وڌ کان وڌ تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيندي ويجهي ۽ مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايران تي اسرائيلي حملي ۽ ان کانپوءِ ڀائر نار ملڪن تي ٿيندڙ افسوسناڪ حملن جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم صدر اردوان کي ڀائر نار ملڪن جي قيادت سان پنهنجي تازي رابطن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ پاڪستان پاران انهن سان مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ۽ بحران جي حل لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي تياري بابت پيغام شامل هو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي لاءِ سموريون ڌريون وڌ کان وڌ تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن. وزيراعظم صدر اردوان کي افغانستان جي ڏس ۾ تازي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان ويجهي ۽ مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











