اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي حڪمتِ عملي ۽ جاري رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير پ پ چيئرمين کي صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن، عوامي فلاحي رٿائن ۽ امن امان جي صورتحال تي جامع …
بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي صورتحال، ترقياتي حڪمتِ عملي ۽ جاري رٿائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وڏي وزير پ پ چيئرمين کي صوبي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن، عوامي فلاحي رٿائن ۽ امن امان جي صورتحال تي جامع آگاهي ڏني. هن بنيادي ڍانچي جي بهتري، تعليم، صحت، مواصلات ۽ سامونڊي پٽيءَ جي ترقيءَ بابت قدمن کان به آگاهه ڪيو. وڏي وزير ٻُڌايو ته بلوچستان حڪومت صوبي جي پُٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ترقيءَ جا ثمر پهچائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته شفافيت ۽ اثرائتي نگرانيءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن وسيلن جو صحيح استعمال ممڪن ٿي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ جاري ترقياتي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته صوبي جي پائيدار ترقي ۽ عوامي خوشحالي پارٽي جي پهرين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي سطح تي بلوچستان جي مسئلن جي حل ۽ ترقياتي رٿائن لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رکيو ويندو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي، نوجوانن لاءِ روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن.











