خطي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خطي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم (اڄ) سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي اعتراض واري نُڪتي تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته وزيراعظم …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خطي ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم (اڄ) سياسي اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي اعتراض واري نُڪتي تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته وزيراعظم خطي ۽ وچ اوڀر جي صورتحال جي روشنيءَ ۾ (اڄ) سياسي اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون آهن ۽ ان جو مقصد به اهوئي آهي ته هڪ ڀيرو ويهي گڏيل لائحه عمل طئي ڪيو وڃي. هن چيو ته هي سنجيده معاملو آهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال آهي، ايران اسان جو پاڙيسري آهي ۽ ان سان اسان جا پُراڻا ناتا آهن، پر ان سان گڏوگڏ سعودي عرب ۽ ٻين نار ملڪن سان به اسان جي ڀائراڻا ۽ پُراڻا ناتا قائم آهن، سعودي عرب سان پاڪستان جو تعلق مثالي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدو به موجود آهي، ان لاءِ اها صورتحال سنجيدگي جي گهرجائو آهي. هن چيو ته زويراعظم کيس ذميداري سونپي آهي ته سياسي اڳواڻن سان رابطا اختيار ڪيا وڃن ۽ گڏجي ويهي اتفاق راءِ ۽ صلاح مشوري سان لائحه عمل طئي ڪيو وڃي. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله ذاتي طور تي سياسي اڳواڻن کي مدعو ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان اسان جو وڏو آهي ۽ معاملن کي سمجهي به ٿو. اسان کي اميد آهي ته هو (اڄ) جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو، (اڄ) 11:30 وڳي اِن ڪئميرا اجلاس ٿيندو، ان ۾ جيڪي به تجويزون ۽ لائحه عمل طئي ٿيندو ان مطابق اڳتي وڌنداسين.

مزید خبریں