تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ جونيئر جناح ٽرسٽ جي انتظام هيٺ ”ڪو ٻار پوئتي نه رهي“ مهم جي افتتاحي تقريب جو بندوبست

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ جونيئر جناح ٽرسٽ جي انتظام هيٺ ”ڪو ٻار پوئتي نه رهي“ مهم جي افتتاحي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد يونين ڪائونسل وائز ڪوريج ذريعي آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي تعليمي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ جونيئر جناح ٽرسٽ جي انتظام هيٺ ”ڪو ٻار پوئتي نه رهي“ مهم جي افتتاحي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پروگرام جو مقصد يونين ڪائونسل وائز ڪوريج ذريعي آئوٽ آف اسڪول ٻارن کي تعليمي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته تعليم ئي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي بنياد آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تعليمي اهڃاڻن کي بهتر بنائڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا، اين جي اوز ۽ حڪومتي تنظيمن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته علم جي روشني هر گهر تائين پهچائينداسين، ڇاڪاڻ ته تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته هي رستو تعليم، تربيت، هنر ۽ آگاهي جو رستو آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو متبادل ناهي، جيستائين هڪ هڪ ٻار کي اها سهولت فراهم نٿا ڪريون، جيڪا متوسط گهراڻن جي ٻارن کي ميسر آهن، ان وقت تائين اسان پنهنجي قومي خواب جي تعبير حاصل نٿا ڪري سگهون. تقريب جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير آئوٽ آف اسڪول ٻارن ۾ اسڪول بيگز به ورهايا ۽ ان جو عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سڀ گڏجي علم جو ٻوٽو پوکينداسين ته جيئن گهر گهر تعليم جي روشني ڦهلجي ۽ واقعي ڪو ٻار پوئتي نه رهي.

مزید خبریں