مولانا فضل الرحمان جي پارليامنٽ جو اِن ڪئميرا اجلاس سڏائڻ جي تجويز

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامنٽ جو اِن ڪئميرا اجلاس سڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جئين پارليامنٽ ميمبرن کي عالمي منظرنامي ۾ تبديل ٿيندڙ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن حڪومت اتفاق ڪري ته هڪ ڏينهن اِن …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پارليامنٽ جو اِن ڪئميرا اجلاس سڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جئين پارليامنٽ ميمبرن کي عالمي منظرنامي ۾ تبديل ٿيندڙ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن حڪومت اتفاق ڪري ته هڪ ڏينهن اِن ڪئميرا اجلاس منعقد ڪيو وڃي، جنهن ۾ واضح طور تي آگاهه ڪيو وڃي ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان عالمي سطح تي ڪٿي بيٺل آهي، عالمي برادري کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ۽ موجوده جيو پوليٽيڪل حالتن ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته پارليامنٽ عوام جو اعليٰ ترين نمائنده فورم آهي ان ڪري ضروري آهي ته قومي اهميت جي معاملن تي ان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي عالمي اسٽريٽجڪ پوزيشن، اسان جي جهڪاءُ ۽ اسان جي سفارتي پوزيشن بابت مڪمل طور تي آگاهه ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں