رانا مشهود احمد خان جي ڊپٽي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو يو اين وومين پاڪستان سان ملاقات

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ڊپٽي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو يو اين وومن پاڪستان فهميده اقبال سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نوجوان عورتن جي معاشي، ڊجيٽل ۽ قيادت وارين صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو فور ايز فريم ورڪ …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان ڊپٽي ڪنٽري ريپريزنٽيٽو يو اين وومن پاڪستان فهميده اقبال سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نوجوان عورتن جي معاشي، ڊجيٽل ۽ قيادت وارين صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جو فور ايز فريم ورڪ تعليم، روزگار، شموليت ۽ ماحوليات ۽ يو اين وومن جي صنفي مساوات جي مشن ۾ واضح هم آهنگي سان موجود آهي. چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت نوجوان عورتن کي پاڪستان جي جامع ۽ پائيدار ترقيءَ جي مرڪز ۾ آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جا قدم نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي (اين واءِ اي پي) تحت جاري آهن، جنهن جو مقصد تعليم کان روزگار تائين اثرائتي منتقلي، هنرمنديءَ کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري موقعا ۽ جامع ليبر مارڪيٽ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن تياريءَ هيٺ نيشنل ايڊوليسنٽس اينڊ يوٿ پاليسي تي پڻ روشني وڌي، جنهن ۾ ڊجيٽل شموليت، محفوظ آن لائن ماحول، صنفي بنياد تي تشدد جي روڪٿام ۽ نوجوانن جي صحت ۽ ڀلائيءَ کي ترجيح ڏني وئي آهي. عورتن جي معاشي شموليت کي قومي ترجيح قرار ڏيندي هن ٻُڌايو ته هن وقت عورتن جي ليبر فورس ۾ شرڪت جي شرح 21.5 سيڪڙو آهي جنهن جو 2030ع تائين 35 سيڪڙو وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. هن مالي آگاهي، ڪاروباري رهنمائي ۽ جديد مالياتي سهولتن جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ ڊجيٽل يوٿ هب تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي جيڪا روزگار جي موقعن، ڊجيٽل مهارتن ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ هڪ قومي پليٽ فارم طور تي متعارف ڪرائي وئي آهي. فني ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽيوٽ) ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ خاص ڪري غير روايتي ۽ اُسرندڙ شعبن ۾ سهڪار کي اهم قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه سازگار تربيتي ماحول، هاڪاري سماجي روين ۽ زندگيءَ جي مهارتن کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي فهميده اقبال وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ نوجوانن جي پروگرامن ۾ صنفي شموليت کي مرڪزي حيثيت ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن يو اين وومن پاڪستان تحت جاري قدمن تي روشني وجهندي مستقبل ۾ مختلف منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته نوجوان عورتن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي پائيدار ۽ جامع ترقي لاءِ نهايت اهم آهي ۽ ٻئي ادارا ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهو سهڪار جاري رکندا.

مزید خبریں