سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13900 رپين جي گهٽتائي

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13900 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 49962 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 13900 رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 49962 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 11917 رپين جي …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 13900 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 49962 رپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن سون جي في تولي قيمت ۾ 13900 رپين گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 5 لک 49962 رپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 11917 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 483420 رپين مان گهٽ ٿي 471503 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 443151 رپين مان گهٽ ٿي 432226 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 1146 رپين مان گهٽجڻ کان پوءِ 8904 ۽ 10 گرام چاند جي قيمت 983 رپيا گهٽتائيءَ کان پوءِ 6337 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں