لاڙڪاڻي جي عدالت ڌاڙي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ، ٻن جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاڙڪاڻو-03 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت ڌاڙي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ ۽ ٻن جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا بعد پوليس جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي جي ٿرڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج عبدالحق مڱريو جي عدالت ۾ سال 2023ع دوران سچل ٿاڻي جي حد وڪيل ڪالوني ۾ مسمات ياسمين …

لاڙڪاڻو-03 مارچ (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي عدالت ڌاڙي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ ۽ ٻن جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا بعد پوليس جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو. تفصيل مطابق لاڙڪاڻي جي ٿرڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج عبدالحق مڱريو جي عدالت ۾ سال 2023ع دوران سچل ٿاڻي جي حد وڪيل ڪالوني ۾ مسمات ياسمين رشيد بلوچ جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت چئن جوابدارن غوث بخش تونيو ۽ صداقت تونيو کي عمر قيد ۽ 50، 50 هزار روپيا ڏنڊ، ٻن جوابدارن صدام عرف سرمد شيخ ۽ محمد بچل تونيو کي 10، 10 سال قيد ۽ 50، 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جنهن کان پوءِ پوليس جوابدارن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ڪيس جي وڪيل احسن علي چنا ٻڌايو ته 26 فيبروري 2023ع تي مسمات ياسمين رشيد بلوچ جي گهر ۾ ڌاڙو لڳو جنهن ۾ جوابدارن گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ لک 65 هزار روپيا روڪ رقم، هڪ پسٽل، 4 سونيون چوڙيون، ٻه سونا ڪنگڻ، ٻه موبائيل فونون کڻي فرار ٿي ويا هئا، جنهن واقعي جو ڪيس جوابدارن غوث بخش تونيو، صداقت تونيو، صدام عرف سرمد شيخ، بچل تونيو ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ضمانت تي هئا، اڄ عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن کي سزا ۽ ڏنڊ جو حڪم ڏنو آهي.