اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز جي آمدني ۾ اضافي ۽ ڪمرشل اثاثن جي موثر ۽ شفاف انتظامن لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي اداري جي مالي پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز جي مالي ڪارڪردگي ۽ ڪمرشل جائيدادن بابت اهم تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. وفاقي وزير …
پاڪستان ريلويز جي آمدني ۾ اضافو ۽ ڪمرشل اثاثن جي موثر ۽ شفاف انتظام لاءِ عملي قدم جاري آهن: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ريلويز جي آمدني ۾ اضافي ۽ ڪمرشل اثاثن جي موثر ۽ شفاف انتظامن لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي اداري جي مالي پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان ريلويز جي مالي ڪارڪردگي ۽ ڪمرشل جائيدادن بابت اهم تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا. وفاقي وزير لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ته روينيو وڌائڻ لاءِ فريٽ ۽ مسافر آپريشنز ۾ بهتري، زمينن ۽ ٻين ڪمرشل اثاثن جي بهتر استعمال ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي موقعن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير موجب انهن سڌارن جو مقصد نه رڳو ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ آهي پر ان کي هڪ پاڻ ڀرو ۽ منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ به آهي، ته جيئن مسافرن کي معياري سهولتون فراهم ڪري سگهجن ۽ قومي معيشت ۾ اداري جو ڪردار وڌيڪ موثر هجي. گذريل 3 سالن دوران ريلوي جي آمدني ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. تفصيلن موجب مالي سال 22-2021ع ۾ فريٽ آپريشنز جي مد ۾ روينيو 23 ارب 12 ڪروڙ روپيا هو، جيڪو مالي سال 24-2023ع ۾ وڌي 28 ارب 11 ڪروڙ روپيا ٿي ويو. اهڙي طرح پيسنجر آپريشنز مان حاصل ٿيندڙ آمدني گذريل 3 سالن ۾ 30 ارب روپين کان وڌي 49 ارب روپين تائين پهچي وئي. وفاقي وزير ايوان کي آگاهه ڪيو ته ريلوي جي ليز تي ڏنل زمين مان گذريل چئن سالن دوران 13 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو. ڪمرشل جائيدادن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ موجود 34 هزار 763 ڪمرشل يونٽس مان 2 هزار 355 يونٽس هن وقت ناجائز قبضو ڪندڙن جي استعمال ۾ آهن. شهرن جي تفصيلن موجب ڪراچي ۾ 589، سکر ۾ 1538، ڪوئيٽا ۾ 123، ملتان ۾ 36، لاهور ۾ 24، پشاور ۾ 6 جڏهن ته سي ايس ايف ڊائريڪٽوريٽ ۾ 38 ملڪيتن تي ناجائز قبضا موجود آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 34 هزار 763 ڪمرشل ملڪيتن جي تعمير ۽ مرمت تي گذريل پنجن سالن دوران 30 ڪروڙ 64 لک روپين جو خرچ آيو. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي آمدني ۾ اضافي ۽ ڪمرشل اثاثن جي بهتر انتظام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي اداري جي مالي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي.











