ريلوي واري وفاقي وزير پاران بُلي شاهه ٽرين بحال ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر محمد احمد خان ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان جي گذارش تي بُلي شاهه ٽرين (قصور کان پاڪپتن) کي 28 مئي کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ …

اسلام آباد-03 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر محمد احمد خان ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان جي گذارش تي بُلي شاهه ٽرين (قصور کان پاڪپتن) کي 28 مئي کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ 257- اپ ۽ 258- ڊائون بُلي شاهه مسافر ٽرين جي بحالي جي گذارش ڪئي وئي. بُلي شاهه مسافر ٽرين سال 2011ع ۾ معطل ڪئي وئي هئي. ٽرين جو رستو قصور، عثمانواله، ڪنگن پور، منڊي احمد آباد، بصيرپور، حويلي وساوي والا کان پاڪپتن آهي. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي 28 مئي کان ٽرين جي بحالي جو اعلان ڪندي چيو ته بُلي شاهه ٽرين جي بحالي سان مقامي آبادي کي سفري سهولت ملندي. ريلوي واري وفاقي وزير عوام کي جديد ۽ بهتري سفري سهولتن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں