آپريشن غضب الحق، افغان طالبان جا بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ۾ مُختلف هنڌن تي حملا ناڪام بڻائيندي افغان طالبان جا 67 ڇاڙيا ماريا ويا، هڪ جوان شهيد ۽ 5 زخمي ٿيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان طرفان اتر بلوچستان ۾ 16 هنڌن تي زميني حملا ۽ 25 هنڌن تي فائر حملا، جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملا ۽ 12 فائر حملا ڪيا ويا جن کي ناڪام بڻايو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس" تي هڪ پوسٽ ۾ آپريشن غضب الحق جي حوالي سان …

اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان طرفان اتر بلوچستان ۾ 16 هنڌن تي زميني حملا ۽ 25 هنڌن تي فائر حملا، جڏهن ته خيبر پختونخواه ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملا ۽ 12 فائر حملا ڪيا ويا جن کي ناڪام بڻايو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ آپريشن غضب الحق جي حوالي سان 03 مارچ صبح ڏهين وڳي تائين، جي خصوصي اپڊيٽ ونڊ ڪئي جنهن مُوجب افغان طالبان اتر بلوچستان ۾ قلعه سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ضلعن ۾ 16 هنڌن تي زميني حملا ڪيا، جڏهن ته 25 هنڌن تي پاڪستاني فورسز خلاف فائر حملن جُون ڪارروايُون ڪيُون. سڀني هنڌن تي حملن کي مؤثر طريقي سان ناڪام ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ افغان طالبان جا 27 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته مُلڪ جو دفاع ڪندي ايف سي بلوچستان اُتر جو هڪ جوان شهيد، جڏهن ته پنج سپاهي زخمي ٿيا. اهڙي طرح، خيبر پختونخواه ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملي جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته 12 هنڌن تي فائر ڪيا ويا، جن کي بنا ڪنهن جاني نقصان جي ناڪام بڻايو ويو. خيبر پختونخواه ۾ سڄي رات جاري ڪارروائين دوران افغان طالبان جا 40 ڇاڙتا مارجي ويا. جڏهن ته پوئيواري وارا آپريشن اڃا تائين جاري آهن.

مزید خبریں