اسلام آباد - 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آھي ته موجوده چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد، گڏيل احترام ۽ سنجيده ڳالهيون اڻٽر آھن، سياسي قيادت ۽ رياستي ادارا ملڪي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھندا. اهڙن خيالن جو اظھار ھن مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نائب صدر شيخ ارسلان حفيظ طرفان ڏنل افطار ڊنر ۾ …
موجوده چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد، گڏيل احترام ۽ سنجيده ڳالهيون اڻٽر آھن: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آھي ته موجوده چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد، گڏيل احترام ۽ سنجيده ڳالهيون اڻٽر آھن، سياسي قيادت ۽ رياستي ادارا ملڪي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھندا. اهڙن خيالن جو اظھار ھن مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نائب صدر شيخ ارسلان حفيظ طرفان ڏنل افطار ڊنر ۾ خصوصي مھمان طور خطاب دوران ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثنا الله، بلوچستان جو اڳوڻو وزيراعليٰ عبدالقدوس بزنجو، سينيٽر ناصر بٽ، اڳوڻو سينيٽر مشاھد حسين سيد، مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ملڪ جي ناميارن سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ قومي يڪجھتي لاءِ پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪندي چيو ته موجوده چئلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد، گڏيل احترام ۽ سنجيده ڳالهيون اڻٽر آھن. ھن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سياسي قيادت ۽ رياستي ادارا گڏيل سھڪار سان پاڪستان کي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رھندا. افطار ڊنر دوران شرڪت ڪندڙن ملڪي ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال، سياسي منظر نامي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مقررن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته سياسي ھم آھنگي ۽ مشاورت کي ھٿي ڏيڻ سان ئي ملڪ کي درپيش مسئلن جو مستقل ۽ اثرائتو حل ممڪن آھي. ميزبان شيخ ارسلان حفيظ معزز مھمانن جي آمد تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان قسم جا موقعا قومي يڪجھتي کي ھٿي ۽ ھاڪاري سياسي روايتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا.











