سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي

حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اي ايم شيخ ھال کان پراڊڪشن فئڪلٽي تائين ريلي ڪڍي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو تہ پاڪ فوج ھميشہ ملڪ جي دشمنن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي، ھن چيو تہ …

حيدرآباد-03 مارچ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ اي ايم شيخ ھال کان پراڊڪشن فئڪلٽي تائين ريلي ڪڍي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو تہ پاڪ فوج ھميشہ ملڪ جي دشمنن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي، ھن چيو تہ پاڪستان جو دفاع مضبوط ھٿن ۾ آھي جنھن ڪري اسان جون زميني، فضائي ۽ سامونڊي سرحدون مڪمل محفوظ آھن، ھن چيو تہ جنھن بہ دشمن پاڪسان طرف ميري اک سان ڏٺو اھو ڀارت ھجي يا ان جو پراڪسي پاڪ فوج انھن جو پنھنجي طاقت، دليري ۽ بھتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو آھي، ھو ھن وقت بہ دشمنن جي ٺڪاڻن کي تباھ ڪرڻ ۾ مصروف آھن، ھن چيو ته ھن وقت جنگون ٽيڪنالاجي وسيلي وڙھيون وڃن ٿيون، انھي لاءِ اسان جي نوجوانن کي گھرجي تہ ھو ٽيڪنالاجي تي عبور حاصل ڪن تہ جيئن وطن عزيز جي بھادر فوج سان گڏ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھي سگھون، ان موقعي تي اسٽوڊنٽ، ٽيچر انگيجمينٽ پروگرام جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر خطاب ڪندي چيو تہ سرحدن جي حفاظت کان ويندي دھشتگردي تائين دشمن جي ھر چال کي پاڪ فوج رد ڪري پاڪستان جي حفاظت ڪئي آھي. ھن چيو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو پنھنجي فوج سان گڏ بيٺل آھي، اسان پنھنجي بحري، ھوائي ۽ زميني فوج جي ھر قدم ۾ ساٿ نڀائڻ جو عزم ڪريون ٿا ۽ پنھنجي وطن ۽ وطن جي بھادر فوجي جوانن لاءِ دعاڳو آھيون، ريلي ۾ رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر اعجاز علي کوھارو، پروفيسر ڊاڪٽر عنات اللہ راڄپر، ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر منير احمد مڱريو، ڊاڪٽر غياث الدين شاھ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊائريڪٽر فنانس سيد فدا حسين شاھ، ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادو، پروفيسر ڊاڪٽر احمد نقي شاھ، فھد نظير کوسو، نصرت علي چانڊيو سميت استادن، آفيسرز، ملازمن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.