پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين پاران ڏيهه موڪليل ناڻي جي محصول ۾ هلندڙ سال دوران 11 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد -03 مارچ (اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي  ڏيهه اماڻيل ناڻي جي محصول ۾هلندڙ مالي سال دوران 11 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. جولاءِ 2025ع  کان جنوري 2026ع دوران 7 مهينن جي عرصي ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جون وصوليون 23.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويون. اسٽيٽ بئنڪ جي ڪاٿي موجب جاري مالي  سال ۾ ڏيهه موڪليل ناڻي جي محصول جو مجموعي ڳاڻيٽو 41.2 ارب ڊالرن …

اسلام آباد -03 مارچ (اي پي پي) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي  ڏيهه اماڻيل ناڻي جي محصول ۾هلندڙ مالي سال دوران 11 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. جولاءِ 2025ع  کان جنوري 2026ع دوران 7 مهينن جي عرصي ۾ پرڏيهه مان آيل ناڻي جون وصوليون 23.2 ارب ڊالرن تائين پهچي ويون. اسٽيٽ بئنڪ جي ڪاٿي موجب جاري مالي  سال ۾ ڏيهه موڪليل ناڻي جي محصول جو مجموعي ڳاڻيٽو 41.2 ارب ڊالرن تائين وڌڻ جي اميد آهي. انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي شروعات 7 مهينن ۾ جولاءِ 2025ع کان جنوري 2026ع دوران نار وارن ملڪن مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 10.88  ارب ڊالر رهيو. اهڙي طرح مالي سال ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مجموعي رقم ۾ نار وارن ملڪن جو حصو 46.9 سيڪڙو رهيو. ان عرصي دوران سعودي عرب ۾ اماڻيل پرڏيهي متاسٽا جي ناڻي جي وصولي 3.89 ارب ڊالرز يعني 16.8  سيڪڙو جڏهن ته گڏيل عرب امارات مان 4.78 ارب ڊالرز يعني 20.6 سيڪڙو پرڏيهه مان آيل ناڻي جو محصول  حاصل ڪيو. اهڙي طرح نار وارن ملڪن مان موڪليل رقم ۾ اومان، قطر، ڪويت ۽ بحرين جو حصو 9.5 سيڪڙو رهيو ۽ انهن ملڪن مان مجموعي طور تي 2.2 ارب ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو آهي.

مزید خبریں