اسلام آباد - 03 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جهنگلي جيوت جو تحفظ هڪ عملي ذميواري آهي، هن ڏينهن جي مناسبت سان سمورن شهرين جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي انهن قدرتي وسيلن جي حفاظت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪي اسان جي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ اهم آهن، پاڪستان هڪ حياتياتي تنوع ۽ متنوع ماحولياتي نظام رکندڙ ملڪ آهي جيڪو زراعت، …
جهنگلي جيوت جو تحفظ هڪ عملي ذميواري آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جهنگلي جيوت جو تحفظ هڪ عملي ذميواري آهي، هن ڏينهن جي مناسبت سان سمورن شهرين جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي انهن قدرتي وسيلن جي حفاظت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪي اسان جي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ اهم آهن، پاڪستان هڪ حياتياتي تنوع ۽ متنوع ماحولياتي نظام رکندڙ ملڪ آهي جيڪو زراعت، پاڻي نظام ۽ روزگار جي ذريعن جي مدد ڪري ٿو، اسان جا ٻيلا ۽ آبگاهن کان وٺي جبلن ۽ سامونڊي علائقن تائين اهي قدرتي وسيلا ملڪ جي ماحولياتي استحڪام جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، تنهن هوندي به اهي وسيلا دٻاءُ جو شڪار آهن، موسمياتي دٻاءُ، غيرقانوني شڪار ۽ زمين ۽ پاڻي جو نامناسب استعمال جنگلي جيوت جي ڪيترن ئي قسمن جي لاءِ خطرو بڻيل آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب جهنگلي جيوت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته جهنگلي جيوت جي تحفظ ۽ بقاءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پاڪستان هڪ حياتياتي تنوع ۽ متنوع ماحولياتي نظام رکندڙ ملڪ آهي جيڪو زراعت، پاڻي نظام ۽ روزگار جي ذريعن جي مدد ڪري ٿو، اسان جا ٻيلا ۽ آبگاهن کان وٺي جبلن ۽ سامونڊي علائقن تائين اهي قدرتي وسيلا ملڪ جي ماحولياتي استحڪام جي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا تنهن هوندي به اهي وسيلا دٻاءُ جو شڪار آهن. صدر چيو ته موسمياتي دٻاءُ، غيرقانوني شڪار ۽ زمين ۽ پاڻي جو نامناسبت استعمال جهنگلي جيوت جي ڪيترن ئي قسمن جي لاءِ خطرو بڻيل آهي. اهي رڳو ايندڙ خدشا نه آهن، جڏهن ٻيلا سڪڙجندا آهن ته آبادين کي زمين جي واڍيءَ ۽ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته جڏهن آبگاهون پنهنجي قدرتي حالت وڃائي ڇڏين ٿيون ته آبادگارن ۽ مُهاڻن کي آمدني جي ڀروسي جوڳي ذريعن کان محروم ٿيڻو پوي ٿو، جڏهن جهنگلي جيوت معدوم ٿئي ٿي ته ماحولياتي توازن ڪمزور پئجي وڃي ٿو جيڪو فصلن، چراگاهن ۽ صاف پاڻي جي فراهمي ۾ مددگار ٿئي ٿو. انهن جا اثر ڳوٺن، منڊين ۽ انهن خاندانن ۾ محسوس ڪيا وڃن ٿا جيڪي سڌوسنئون زمين تي دارومدار ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان حڪومت غيرقانوني شڪار جي خلاف قانون تي عملدرآمد کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪميونٽي جي سطح تي تحفظ جي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي، اسڪولن ۽ مقامي ادارن ۾ آگاهي پڻ ايتري ئي اهم آهي، ڇو ته پائيدار تحفظ جو دارومدار باخبر ۽ ذميوار شهرين تي آهي. صدر چيو ته جهنگلي جيوت جو تحفظ هڪ عملي ذميواري آهي، اهو عملدارن پاران مستقل ڪم، مقامي ڪميونٽيز جي تعاون ۽ قانون جي احترام جي گهرج ٿو، ان ڏينهن جي مناسبت سان سمورن شهرين جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي انهن قدرتي وسيلن جي حفاظت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جيڪي اسان جي ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ اهم آهن.











