اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته سموريون ڌريون سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏين، سموريون رياستون ٻين ملڪن جي علائقائي خودمختياري جي حوالي سان عالمي قانونن جون پابند آهن، پاڪستان کي نار ملڪن تي ايراني حملن تي انتهائي افسوس آهي، …
ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته سموريون ڌريون سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏين: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته سموريون ڌريون سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏين، سموريون رياستون ٻين ملڪن جي علائقائي خودمختياري جي حوالي سان عالمي قانونن جون پابند آهن، پاڪستان کي نار ملڪن تي ايراني حملن تي انتهائي افسوس آهي، ايران پاران حملا پنهنجي دفاع ۾ ڪيا ويا، پاڪستاني قيادت ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت جي ڏک ۾ ايراني عوام سان گڏ بيٺل آهي، وچ اوڀر خاص طور تي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، غزه جي عوام کي امداد ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي، افغانستان سان پرامن پاڙيسريت جا خواهشمند آهيون، اسان وٽ افغان سرزمين تان دهشتگردي جا ٺوس ثبوت موجود آهن، آپريشن غضب الحق ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدم کنيا، اسان ڪاميابي سان دهشتگردن جا ٺڪاڻا ۽ ڪئمپ تباهه ڪيا، جوابي ڪارروائي ۾ شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو ويو، حقيقت اها آهي ته افغانستان هن وقت دهشتگردن جي لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻيل آهي. غيرملڪي سفيرن کي ايران ۽ افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايران جي صورتحال کي ويجهي کان مانيٽر ڪري رهيو آهي، افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان علائقائي ملڪن سان رابطي ۾ آهي، تازي صورتحال انتهائي نازڪ آهي، پاڪستان پنهنجون سموريون سفارتي ڪوششون استعمال ۾ آڻي رهيو آهي، اسان جون سموريون ڪوششون ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ تي مرڪوز آهن، سموريون رياستون ٻين ملڪن جي علائقائي خودمختياري جي حوالي سان قانونن جون پابند آهن، هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان چاهي ٿو ته سموريون ڌريون سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏين، سفارتي محاذ تي مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون، پاڪستان کي نار ملڪن تي ايراني حملن تي انتهائي افسوس آهي، ايران پاران حملا پنهنجي دفاع ۾ ڪيا ويا، پاڪستان سمورن حل طلب معاملن جي حل لاءِ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو، پاڪستان مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏيندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني قيادت ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت جي ڏک ۾ ايراني عوام سان گڏ بيٺل آهي، يو اي اي ۾ حملي ۾ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويو، وچ اوڀر خاص طور تي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان موثر ڪردار ادا ڪيو آهي، غزه جي عوام کي امداد ۽ انساني همدرديءَ جي بنياد تي مدد فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان غزه پيس بورڊ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته چين، آمريڪا ۽ ڀائر ملڪن سان اسان جا بهترين لاڳاپا آهن، افغانستان سان پرامن پاڙيسريت جا خواهشمند آهيون، گذريل سال افغانستان جا ٽي دورا ڪيا، دوري دوران معيشت، واپار ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، افغان شاگردن جي لاءِ 4500 وظيفن جي آڇ ڪئي وئي، افغانستان کان رڳو هڪ مطالبو ڪيو ته پنهنجي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ افغان سرزمين تان سنگين خلاف ورزي ٿي، اسان وٽ افغان سرزمين تان دهشتگردي جا ٺوس ثبوت موجود آهي، قطر ڳالهه ٻولهه جي درخواست ڪئي، ان جو ڪو نتيجو نه نڪتو، استنبول ڳالهه ٻولهه جو پڻ ڪو نتيجو نه نڪتو، آپريشن غضب الحق ۾ ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، اسان ڪاميابي سان دهشتگردن جا ٺڪاڻا ۽ ڪئمپ تباهه ڪيا، جوابي ڪارروائي ۾ شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو ويو، سرحدي علائقن جي 15 سيڪٽرز جي 53 جاين تي حملا پاڪستان جي لاءِ ناقابل قبول هئا، ڪابل، ننگرهار، پڪتيڪا ۽ ٻين علائقن ۾ 37 جاين کي مستنند انٽيلي جنس تي نشانو بڻايو، اسان جا قدم انتهائي احتياط سان کنيا ويا، ڪارروايون رڳو طالبان رجيم ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف آهن، افغانستان ۾ دهشتگردن جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع جي لاءِ سمورن مناسب قدمن جو حق محفوظ رکي ٿو، حقيقت اها آهي ته افغانستان هن وقت دهشتگردن جي لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻيل آهي.











