اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتي مشنز جي سربراهن کي پاڪستان – افغانستان لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ايران سميت وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل چار سالن دوران افغان طالبان رجيم سان پاڪستان جي مسلسل …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتي مشنز جي سربراهن کي پاڪستان – افغانستان لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ايران سميت وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتي مشنز جي سربراهن کي پاڪستان – افغانستان لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ايران سميت وچ اوڀر جي بدلجندڙ صورتحال تي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل چار سالن دوران افغان طالبان رجيم سان پاڪستان جي مسلسل تحمل ۽ مثبت رابطن کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان طالبان رجيم پاڪستان جا جائز سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪ – افغان سرحد تي افغان فورسز پاران اشتعال انگيز ۽ منظم هٿياربند حملن کانپوءِ پاڪستان کي افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صحيح نوعيت جون ڪارروايون ڪرڻيون پيون. ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، تحمل ۽ سفارتڪاري جي ضرورت کي ورجايو.











