اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع ايران تي اسرائيل جي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ نار خطي ۾ ٿيندڙ حملن کانپوءِ خطرناڪ علائقائي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. …
وزيراعظم شهباز شريف کي عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع پاران ٽيليفون، علائقائي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي فوري ضرورت تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع ايران تي اسرائيل جي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ نار خطي ۾ ٿيندڙ حملن کانپوءِ خطرناڪ علائقائي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع ٽيليفون ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ نار خطي ۾ ٿيندڙ حملن کانپوءِ خطرناڪ علائقائي ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي لاءِ تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم شامي صدر کي موجوده بحران جي ڏس ۾ پاڪستان جي سفارتي پهچ بابت آگاهه ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وچ اوڀر جي صورتحال کانسواءِ افغانستان جي تازي اڳڀرائي پڻ بحث هيٺ آئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي اڳڀرائي تي ويجهي هم آهنگي برقرار رکندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.











