اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حقيقي معنائن ۾ هيلٿ ڪيئر جو مقصد ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائي ٿو، ان منصوبي ذريعي ٿيلسيميا جهڙي موروثي بيمارين جي روڪٿام، گهٽ لاڳت ۽ درست سُڃاڻپ جي فراهميءَ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ، …
هيلٿ ڪيئر منصوبي ذريعي ٿيليسيميا جهڙي موروثي بيمارين جي روڪٿام، گهٽ لاڳت ۽ درست سڃاڻپ جي فراهميءَ کي ممڪن بڻائي سگهجي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حقيقي معنائن ۾ هيلٿ ڪيئر جو مقصد ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائي ٿو، ان منصوبي ذريعي ٿيلسيميا جهڙي موروثي بيمارين جي روڪٿام، گهٽ لاڳت ۽ درست سُڃاڻپ جي فراهميءَ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. اهڙو اظهار هن هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ۽ اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سي اي او نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ نيشنل هيومن جينوم، پراجيڪٽ جي خامين، مقصدن ۽ ان جي قومي اهميت تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته هي منصوبو پاڪستاني آباديءَ جي منفرد جينياتي خامين کي سمجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هيومن جينوم پراجيڪٽ ملڪ لاءِ جينومڪ خودمختياري کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو. هن هدايت ڪئي ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ماهرن جي سهڪار سان هڪ جامع حڪمتِ عملي جوڙي ته جيئن ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو عوام جديد جينياتي طبي سهولتن مان فائدو ٿي سگهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته عوام کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ صحت جي شعبي ۾ جديد سائنسي بنيادي تي سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو.











