صدر مملڪت جو خطاب قومي يڪجهتي ۽ سياسي استحڪام جو پيغام آهي: فيصل ممتاز راٺوڙ

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، صدر مملڪت آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کي ساراهيندي چيو آهي ته صدر مملڪت جو خطاب قومي يڪجهتي ۽ سياسي استحڪام جو پيغام آهي. هتي جاري بيان ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب آئيني تسلسل جو روشن مثال آهي، جمهوري قدرن کي …

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، صدر مملڪت آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کي ساراهيندي چيو آهي ته صدر مملڪت جو خطاب قومي يڪجهتي ۽ سياسي استحڪام جو پيغام آهي. هتي جاري بيان ۾ آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب آئيني تسلسل جو روشن مثال آهي، جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل ڪاوشون اڻٽر آهن، وفاقي اڪائين وچ ۾ هم آهنگي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته صدر مملڪت جو خطاب عوامي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، سياسي استحڪام ئي ملڪ ترقي جي ضمانت آهي، آزاد ڪشمير حڪومت جمهوري استحڪام لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته قومي ادارن وچ ۾ سهڪار ملڪ کي اڳتي وٺي ويندو، پارليامنٽ جي بالا دستي جمهوري نظام جو بنياد آهي.

مزید خبریں