اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جنگ کي آخري حل قرار ڏيندي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو جنگي ميدانن کان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه طرف اچي نه ته هڪ ٻي ذلت ۽ توهين آميز شڪست جي لاءِ تيار رهي، صدر خبردار ڪيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ڀارت ۽ افغانستان کي پنهنجي صلاحيتن جي رڳو هڪ جهلڪ ڏيکاري چڪو آهي، نئين پارلياماني سال …
ڀارت جنگي ميدانن کان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه طرف اچي نه ته ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهي، پاڪستان اڳ ۾ ئي ڀارت ۽ افغانستان کي پنهنجي صلاحيتن جي جهلڪ ڏيکاري چڪو آهي: صدر آصف علي زرداري جو نئين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جنگ کي آخري حل قرار ڏيندي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو جنگي ميدانن کان بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه طرف اچي نه ته هڪ ٻي ذلت ۽ توهين آميز شڪست جي لاءِ تيار رهي، صدر خبردار ڪيو ته پاڪستان اڳ ۾ ئي ڀارت ۽ افغانستان کي پنهنجي صلاحيتن جي رڳو هڪ جهلڪ ڏيکاري چڪو آهي، نئين پارلياماني سال جي شروعات تي خودمختياري جو تحفظ، دهشتگردي جو خاتمو ۽ معاشي استحڪام کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ اسان جون ترجيحون هجڻ گهرجن. نئين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي سالياني خطاب ۾ صدر چيو ته کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته بحيثيت ٻه ڀيرا چونڊيل صدر هن نئين پارلياماني سال جي شروعات تي هن معزز ايوان کي نائون ڀيرو خطاب ڪيو، هر خطاب اسان جي جمهوري نظام جي تسلسل ۽ پاڪستان جي عوام جي نمائندن جي حيثيت سان اسان جي ذميوارين جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته قومن جو امتحان رڳو بحرانن ۾ نه پر اهم موڙ تي به ٿئي ٿو، گذريل سال اسان کي ياد ڏياريو ته اسان جي جمهوريت جي طاقت آئين، عوام جي استقامت، پارليامينٽ ۽ حڪومت جي ذميوارين ۽ اسان جي هٿياربند فوج جي حوصلي ۾ لڪل آهي، نئين پارلياماني سال جي شروعات تي اسان کي انهي استقامت کي بنياد بڻائي پنهنجي خودمختياري جو تحفظ، آئيني حڪمراني کي مضبوط ۽ معاشي تبديلي کي اڳتي وڌائڻو پوندو ته جيئن استحڪام ترقي ۾ بدلجي هر شهري جي لاءِ خوشحالي، اڳڀرائي ۽ امن جو ذريعو بڻجي. صدر چيو ته اڄ اسان انهن بنيادن تي بيٺل آهيون جيڪي اسان جي قومي تاريخ جي معمارن رکيا، قائداعظم محمد علي جناح آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي ٻڌل جمهوري رياست جو تصور پيش ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي متفقه آئين ڏنو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي قرباني ۽ مثالي قيادت جي ذريعي جمهوري عمل کي مضبوط ڪيو. صدر چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي تي سندس يقين رڳو لفظن تائين محدود نه آهي پر عملي قدمن مان ظاهر آهي، پنهنجي اڳوڻي صدارت جي دور ۾ مون هڪطرفي طور تي اهي اختيار پارليامينٽ کي واپس ڪيا جيڪي 1973ع جي آئين موجب هئا. تاريخي 18هين ترميم جي ذريعي اڄ ايوان صدر وفاق جي وحدت جي علامت، وفاقي اڪائين جي وچ ۾ پُل ۽ آئيني قانونن جو محافظ آهي. صدر چيو ته گذريل 10 مهينا قوم جي لاءِ ڏکئي امتحان جو سبب بڻيا، جڏهن به اسان جي خودمختياري کي اوڀر يا اولهه سرحد تي چئلينج ڪيو ويو، پاڪستان حڪمت، تحمل ۽ پختي عزم سان جواب ڏنو. اشتعال انگيز حملن جي جواب ۾ اسان جي هٿياربند فوج غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪيو، معرڪه حق ۾ اسان جي هٿياربند فوج ڀارت جي حملي کي هڪ تاريخي اسٽريٽجڪ فتح ۾ بدلائي ڇڏيو، اولهندي سرحد تي جڏهن 26 فيبروري جي رات طالبان حڪومت پاران حملن جو سلسلو وڌايو ويو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز ڀرپور ڪارروائي ڪندي واضح پيغام ڏنو ته اسان جي خودمختيار سرزمين تي ڪنهن به دراندازي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، سياسي قيادت متحد رهي، عوام ثابت قدم رهي، آئون شروع ۾ ئي پنهنجي قوم جي جانباز محافظن جا دل سان ٿورا ادا ڪريان ٿو. انهن جي ڪري ئي اسان سڀ اڄ محفوظ آهيون، انهن ڪامياب عسڪري معرڪن ۾، ڀلي اهي مختصر هجن يا ڊگها، اسان جي فوج، فضائيه، بحريه، رينجرز، فرنٽيئر ڪور، پوليس ۽ انٽيلي جنس ادارن جي قربانين کي رڳو انگن اکرن تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي. شهيد هڪ اهڙو خاندان ڇڏي ٿو جنهن پاڪستان جي استحڪام جي لاءِ عظيم قرباني ڏني. صدر چيو ته جڏهن هو شهيدن جي خاندانن سان ملي ٿو ته کيس اهو ئي درد محسوس ٿئي ٿو جيڪو هن پنهنجي گهرواريءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي وقت محسوس ڪيو، رياست جي ذميواري آهي ته اها انهن خاندان جي عزت ۽ وقار سان ڪفالت جاري رکي، 2025ع پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو جڏهن معرڪه حق ۾ شاندار عسڪري ڪاميابي ٻاهرئين جارحيت کي ڪمزور ڪيو ۽ روايتي برتري جي تاثر کي ٽوڙي ڇڏيو. اها رڳو فوجي ڪاميابي نه پر قومي عزم جو اظهار هو. اسان نه رڳو عسڪري پر سفارتي محاذ تي پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي. صدر واضح ڪيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي خودمختياري جي حق جي مڪمل سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڏکڻ ايشيا ان وقت تائين مڪمل امن نه ٿو ماڻي سگهي جيستائين ڪشميري عوام آزادي حاصل نه ٿي ڪري وٺي، جيڪڏهن ڪا جارحيت مڙهي وئي ته ان کي هڪ ٻي ذلت آميز شڪست جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي جڏهن ته منهنجو مشورو آهي ته جنگ بدران ڳالهه ٻولهه جي ميز جو رستو اختيار ڪيو وڃي ڇو ته اهو ئي علائقائي سلامتي جو واحد رستو آهي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهيون، پر ضرورت پوڻ تي پنهنجي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي تي اسان تحمل جو مظاهرو ڪيو، پر ڪنهن رياست کي مسلسل حملا برداشت نه ڪرڻ گهرجن. گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 51 تحت اسان کي دفاع جو حق حاصل آهي، اسان پنهنجي صلاحيتن جو رڳو هڪ حصو ظاهر ڪيو آهي، اسان جي سرزمين مقدس آهي. اسان ڪنهن به ملڪ يا گروهه کي پنهنجي سرزمين يا پاڙيسري علائقن کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته اسان ايران تي جاري جنگ جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. اهڙي طرح نار ڀائر ملڪن تي حملن جي پڻ مذمت ڪريون ٿا. خطي ۾ استحڪام ۽ عالمي قانون جو احترام لازمي آهي، اسان انهن سمورن ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن ڏکڻ ايشيا ۾ ٻن ائٽمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ نئين سگهه پيدا ٿي آهي جڏهن ته چين سان اسان جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي چڪا آهن. سي پيڪ 2.0 پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۾ انقلاب آڻيندو. صدر چيو ته اسان فلسطيني عوام جي حق ۾ پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهيون ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب گادي واري شهر القدس الشريف تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جاري رکنداسين. صدر چيو ته پاڻي تحفظ هڪ اهم اسٽريٽجڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي. سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ۽ پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ کليل خلاف ورزي آهي. اسان پنهنجي پاڻي حقن جو هر فورم تي دفاع ڪنداسين. وفاق جي مضبوطي مرڪزيت سان نه پر هم آهنگي سان اچي ٿي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جهڙن آئيني فورمز کي فعال بڻائڻو پوندو. بلوچستان جي محرومين جو ازالو ۽ مقامي آبادي کي ترقي ۾ شريڪ ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته معاشي استحڪام قومي سلامتي سان واڳيل آهي. اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻ، توانائي سڌارن، زرعي ترقي ۽ موسمياتي انصاف کي يقيني بڻائڻو پوندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ موثر بڻائڻو پوندو ته جيئن معاشري جي هيٺئين طبقي کي بااختيار بڻائي سگهجي، عورتن جي ترقي کانسواءِ قومي ترقي ممڪن نه آهي. اسان کي پنهنجي ڌيئرن کي تحفظ، ڊيجيٽل پهچ ۽ معاشي خودمختياري فراهم ڪرڻي پوندي. هن چيو ته سلامتي، معيشت ۽ آئيني حڪمراني گڏيل ٺوس ٿنڀ آهن. اسان کي خودمختياري جي تحفظ، دهشتگردي جي خاتمي، معاشي ترقي، وفاقي هم آهنگي ۽ جمهوري استحڪام کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو. الله تعاليٰ اسان کي ان امانت جي ادائيگي ۾ ڪامياب فرمائي.











