وچ اوڀر جي صورتحال، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دنيا جي ٻين ڪيپيٽل مارڪيٽن جيئان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي شديد ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 16089.17 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 151972.99 پوائنٽس تي بند ٿيو. وچ اوڀر جي صورتحال ۽ خطي ۾ جنگ ۽ ڇڪتاڻ سبب سومر تي ڪاروباري هفتي جي …

اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي دنيا جي ٻين ڪيپيٽل مارڪيٽن جيئان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي شديد ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 16089.17 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ 151972.99 پوائنٽس تي بند ٿيو. وچ اوڀر جي صورتحال ۽ خطي ۾ جنگ ۽ ڇڪتاڻ سبب سومر تي ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، جاپان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 1.9 سيڪڙو ۽ ڪورين اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 2 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، جاپان جي نڪي انڊيڪس هڪ سيڪڙو گهٽ ٿي، نڪي 225 انڊيڪس 586 پوائنٽس مان گهٽجي 58264 تي رهي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 567 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 21 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، 413 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 133 جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

مزید خبریں