اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 13 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 600 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 13 هزار …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 13 ھزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل دريا ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 600 ڪيوسڪ، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 13 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 13 هزار 400 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 42 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 41 هزار 800 ڪيوسڪ، ۽ ڇوڙ 36 هزار 900 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 36 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 11 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 7 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي طرح آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1469.64 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.789 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1165.45 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ آهي، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.373 ملين ايڪڙ فوٽ جڏهن ته چشما جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 642.10 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.065 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











