وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عمان جي سلطان هيثم بن طارق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي حملي جي ڏس ۾ خراب …

اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون فوري طور تي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي حملي جي ڏس ۾ خراب ٿيندڙ موجوده علائقائي صورتحال جنهن جي ڪري خطري ۾ پيل پوري خطي جي امن ۽ سلامتي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته اها ڇڪتاڻ هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن آمريڪا ايران ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون جن ۾ عمان فعال ڪردار ادا ڪيو، جاري هيون. انهن حملن نه رڳو اهم سفارتي عمل کي پٽڙي تان لاهي ڇڏيو پر خطي ۾ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن کي پڻ نقصان پهچايو. هن وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ سفارتي قدمن کي فوري ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي ثالثي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم مسقط پاران علائقائي ۽ عالمي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي آسان بڻائڻ ۽ اعتماد سازي جي تعميري ڪوششن جي سلسلي ۾ سلطان هيثم بن طارق جي واکاڻ ڪئي. هن عمان جي متوازن سفارتڪاري کي خطي ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ امن جي بحالي ۽ پائيدار علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سفارتي قدمن جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں