نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام …

اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں