صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کانپوءِ موجوده حڪومت جي ٽئين پارلياماني سال جي باقاعده شروعات ٿي وئي

اسلام آباد - 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کانپوءِ موجوده حڪومت جي ٽئين پارلياماني سال جي باقاعده شروعات ٿي وئي. موجوده قومي اسيمبلي پهرين مارچ 2025ع کان شروع ٿيندڙ ٻئي پارلياماني سال دوران قانونسازي ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي ٻئي پارلياماني سال جي آخري مهيني ۾ 12 فيبروري 2026ع تائين 27هين آئيني ترميم سميت 46 مختلف سرڪاري …

اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب کانپوءِ موجوده حڪومت جي ٽئين پارلياماني سال جي باقاعده شروعات ٿي وئي. موجوده قومي اسيمبلي پهرين مارچ 2025ع کان شروع ٿيندڙ ٻئي پارلياماني سال دوران قانونسازي ۾ نمايان تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي ٻئي پارلياماني سال جي آخري مهيني ۾ 12 فيبروري 2026ع تائين 27هين آئيني ترميم سميت 46 مختلف سرڪاري بلز منظور ڪيا ويا جڏهن ته ان عرصي دوران ميمبرن پاران پيش ڪيل 13 نجي بلز پڻ منظور ٿيا. ٻئي پارلياماني سال جي پڄاڻي 28 فيبروري 2026ع تي ٿي. ان دوران 27هين آئيني ترميمي بل 2025ع، پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025ع، پاڪستان ايئر فورس ترميمي بل 2025ع، پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025ع، سپريم ڪورٽ پريڪٽس  اينڊ پروسيجر ترميمي بل 2025ع، آسان ڪاروبار بل 2025ع، نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي بل 2025ع، دهشتگردي جي خاتمي وارو ترميمي بل 2025ع، پيٽروليم ترميمي بل 2025ع، پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي بل 2025ع، پاڪستان سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل 2025ع، فوجداري قانون ترميمي بل 2025ع ۽ ٻيا بلز منظور ٿيا. ٽئين پارلياماني سال جي شروعات تي سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته هاڻي حڪومت جو ڌيان انهن قانون جا ثمر عام ماڻهو تائين پهچائڻ ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ وڌيڪ قانونسازي تي رهندو.

مزید خبریں