اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي فرمانروا حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ٽيليفون تي اسرائيل ۽ اسلامي جمهوريه ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ ايران طرفان ڪيترن ئي نار ملڪن جن ۾ بحرين به شامل آهي تي جوابي حملن جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ جاري بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بحرين جي فرمانروا حمد بن عيسيٰ الخليفه کي ٽيليفون

مزید خبریں
اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي فرمانروا حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ٽيليفون تي اسرائيل ۽ اسلامي جمهوريه ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ۽ ايران طرفان ڪيترن ئي نار ملڪن جن ۾ بحرين به شامل آهي تي جوابي حملن جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ جاري بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق بحرين جي فرمانروا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي بنا جواز جارحيت سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي آهي ۽ سڄي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي خطرو لاحق ٿي ويندو آهي. وزيراعظم بحرين جي قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بحرين ۽ ٻين برادر نار ملڪن سان مضبوطي سان بيٺل آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عالمي قانون جي بالادستي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان امن جي ڪوششن جي حمايت لاءِ هميشه پرعزم رهندو ۽ سمورين ڌرين تي زور ڀريندو ته هو سفارتڪاري سان بحران جو ڳالهين وارو حل ڳولهين.











