پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”مت ڀيد جي خاتمي“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”مت ڀيد جي خاتمي“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد انسان جي وقار ۽ حقن جو تحفظ آهي ته جيئن سماجي شموليت، همدردي ۽ انصاف کي هٿي ڏئي سگهجي. ان جي بنيادي مقصدن ۾ قانون، تعليم، صحت ۽ روزگار وغيره ۾ مت ڀيد واري سلوڪ جو خاتمو آهي ۽ …

اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”مت ڀيد جي خاتمي“ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد انسان جي وقار ۽ حقن جو تحفظ آهي ته جيئن سماجي شموليت، همدردي ۽ انصاف کي هٿي ڏئي سگهجي. ان جي بنيادي مقصدن ۾ قانون، تعليم، صحت ۽ روزگار وغيره ۾ مت ڀيد واري سلوڪ جو خاتمو آهي ۽ اهو ڏينهن سمورن انسانن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي زندگي گذارڻ جي حق جي علامت تصور ڪيو ويندو آهي. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ته جيئن عام ماڻهو کي مت ڀيد جي خاتمي جي اهميت کان آگاهه ڪري سگجي.

مزید خبریں