اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهبي هم آهنگي واري وزارت توهين آميز مواد جي روڪٿام ۽عوامي آگاهي لاءِ سڄي ملڪ سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سرڪاري طور تي 15 مارچ کي ”يوم تحفظِ ناموسِ رسالت“ طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاءِ سمورن صوبائي حڪومتن، لاڳاپيل وفاقي وزارتن ۽ …
پاڪستان ۾ 15 مارچ تي ”يوم تحفظِ ناموسِ رسالت“ ملهائڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذهبي هم آهنگي واري وزارت توهين آميز مواد جي روڪٿام ۽عوامي آگاهي لاءِ سڄي ملڪ سميت آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سرڪاري طور تي 15 مارچ کي ”يوم تحفظِ ناموسِ رسالت“ طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران اهو ڏينهن ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ لاءِ سمورن صوبائي حڪومتن، لاڳاپيل وفاقي وزارتن ۽ ماتحت ادارن کي باقاعده خط موڪليا ويا آهن، اهو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ جي ان تاريخي حڪم تي عمل ڪندي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمز تي موجود تڪراري ۽ توهين آميز مواد جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي هدايت ڪئي وئي هئي. وزارت پاران جاري ڪيل خط ۾ ٻڌايو ويو ته ان مهم جو بنيادي مقصد عوام ۾ منع ڪيل مواد جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ زندگي جي مختلف شعبن کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت ان سلسلي ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، گهرو وزارت ۽ سڌ سماءَ واري وزارت کي عملي قدم کڻڻ لاءِ خط موڪليا آهن. ان کان علاوه پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي، پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن، نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ کي به ان مهم کي اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان مهم ۾ زندگي جي سمورن شعبن جي نمائنده تنظيمن ۽ مدرسن ۽ اهم شخصيتن کي به ان مهم ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن قومي سطح تي هڪ مربوط پيغام عام ڪري سگهجي.











