لاهور-28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ خطي ۾ پيدا ٿيل سنگين ڇڪتاڻ ۽ ان کانپوءِ قطر سميت نار ملڪن ۾ افسوسناڪ حملن کي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مسئلن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ڳولڻ تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر …
وزيراعظم پاران قطر جي امير سان ٽيليفونڪ رابطو

مزید خبریں
لاهور-28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ خطي ۾ پيدا ٿيل سنگين ڇڪتاڻ ۽ ان کانپوءِ قطر سميت نار ملڪن ۾ افسوسناڪ حملن کي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مسئلن جو حل ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ڳولڻ تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ايران تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ خطي ۾ پيدا ٿيل سنگين ڇڪتاڻ جي شديد مذمت ڪئي، جنهن کانپوءِ قطر سميت ٻين نار ملڪن ۾ به افسوسناڪ حملا ٿيا. وزيراعظم ان صورتحال کي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ نهايت ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم دوحا ۾ تازي ملاقات جو حوالو ڏيندي موجوده بحران دوران برادر رياست قطر سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ قطر جي امير کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان هميشه پنهنجي برادر ملڪ قطر ۽ ان جي عوام سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم ان عزم جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن زور ڀريو ته مسئلن جو حل ڳالهين، سفارتڪاري ۽ گڏيل احترام ذريعي ئي ڳولڻ گهرجي ته جيئن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي.











