اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) آپريشن غضب الله الحق دوران، 28 فيبروري 2026 تي صبح 9 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 331 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس" تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آپريشن غضب الله الحق دوران، افغان طالبان جون 104 چيڪ پوسٽون مڪمل طور …
آپريشن غضب الله الحق دوران افغان طالبان رجيم جا 331 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) آپريشن غضب الله الحق دوران، 28 فيبروري 2026 تي صبح 9 وڳي تائين افغان طالبان رجيم جا 331 ڇاڙتا مارجي ويا ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڇنڇر ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آپريشن غضب الله الحق دوران، افغان طالبان جون 104 چيڪ پوسٽون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته 22 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪيو ويو. اهڙي طرح، 163 ٽينڪ ۽ بڪتر بند گاڏيون تباهه ڪيون ويون. افغانستان ۾ 37 هنڌن کي هوائي حملي ۾ مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو ويو.











