اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستاني شهرين لاءِ ايران جي حوالي سان هڪ سفري ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ پاڪستاني شهرين کي مشورو ڏنو وڃي ٿو ته اهي ايران جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هِن وقت ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي احتياط ڪرڻ …
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس پاران پاڪستاني شهرين لاءِ ايران جي حوالي سان سفري ايڊوائزري جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس پاڪستاني شهرين لاءِ ايران جي حوالي سان هڪ سفري ايڊوائزري جاري ڪندي چيو آهي ته پنهنجي حفاظت ۽ سلامتي لاءِ پاڪستاني شهرين کي مشورو ڏنو وڃي ٿو ته اهي ايران جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن پرڏيهي آفيس پاران ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هِن وقت ايران ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي احتياط ڪرڻ گهُرجي، محتاط رهڻ گهُرجي ۽ غير ضروري سفر گهٽ کان گهٽ ڪرڻ گهُرجي. بيان ۾ پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ ٻين پاڪستاني مشنن سان باقاعده رابطي ۾ رهن.











