اسلام آباد -28 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي گهر وڃي سندس وڏي ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير ڏکويل خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ خاص دعا ڪئي. وڏي وزير سرفراز …
بلوچستان جي وڏي وزير پاران سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي رهائشگاهه آمد، ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -28 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي گهر وڃي سندس وڏي ڀاڄائي جي وفات تي تعزيت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير ڏکويل خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ خاص دعا ڪئي. وڏي وزير سرفراز بگٽي وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪندي ان نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ٿورو مڃيندي ڏک جي ان گهڙي ۾ وڏي وزير جي آمد کي تسلي جو سبب قرار ڏنو. ان موقعي تي وڏي وزير، سيدال خان ناصر جي پارلياماني خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي سينيٽ ۾ سندس ڪردار کي قدر جوڳو قرار ڏنو. هن بلوچستان جي اثرائتي نمائندگي تي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي گڏيل احترام ۽ يڪجهتي جو اظهار به ڪيو.











