نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران اسرائيل پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد سرڪاري زمين ۾ تبديل ڪرڻ جي تازي غيرقانوني قدمن جي مذمت

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيل پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد سرڪاري زمين ۾ تبديل ڪرڻ جي تازي غيرقانوني قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي حيثيت سان 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گروپ جي ميمبر ۽ بورڊ آف پيس جي ميمبر جي طور تي فلسطيني …

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسرائيل پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد سرڪاري زمين ۾ تبديل ڪرڻ جي تازي غيرقانوني قدمن جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي حيثيت سان 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گروپ جي ميمبر ۽ بورڊ آف پيس جي ميمبر جي طور تي فلسطيني ڪاز کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. صورتحال جي سنگيني جي ڏس ۾ هن او آءِ سي تي زور ڏنو ته هو گڏيل طور تي ڪم ڪندي والاريل فلسطيني علائقن جي عملي الحاق جي لاءِ کنيل سمورن اسرائيلي قدمن جي فوري واپسي کي يقيني بڻائي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم جي اوپن اينڊڊ غيرمعمولي وزارتي اجلاس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ اسرائيلي قابض فوج جي انهن غيرقانوني فيصلن تي غور ڪيو ويو جن جو مقصد غيرقانوني بستين ۽ الحاق کي فروغ ڏيڻ ۽ والاريل اولهندي ڪناري تي اسرائيلي خودمختياري مڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. او آءِ سي ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو سفير فواد شير پڻ ان غيرمعمولي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسرائيل پاران والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد سرڪاري زمين ۾ تبديل ڪرڻ جي تازي غيرقانوني قدمن جي شديد مذمت ڪئي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي حيثيت سان 8 عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گروپ جي ميمبر ۽ بورڊ آف پيس جي ميمبر جي طور تي فلسطيني ڪاز کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. صورتحال جي سنگيني جي ڏس ۾ هن او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها گڏيل طور تي ڪم ڪندي والاريل فلسطيني علائقن جي عملي الحاق جي لاءِ کنيل سمورن اسرائيلي قدمن جي فوري واپسي کي يقيني بڻائي، سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2803 تي مڪمل عملدرآمد بشمول غزه ۾ جنگبندي جي سختي سان پاسداري، غزه جي فوري نئين سر تعمير جي شروعات، مڪمل فلسطيني ملڪيت ۽ فلسطيني اٿارٽي جي مرڪزي ڪردار سان ۽ هڪ مقرر مدي تي ٻڌل سياسي عمل جنهن جي نتيجي ۾ 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست جو قيام عمل ۾ اچي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه گڏيل قومن جي قراردادن موجب ٿئي. او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ان جي مستقل حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بنگلاديش، مالديپ ۽ فلسطين جي پرڏيهي وزيرن، ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير ۽ صوماليه جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ٻطرفي غيررسمي  ملاقاتون پڻ ڪيون.

مزید خبریں