نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير موسيٰ ڪولاڪليڪايا جي ملاقات

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير موسيٰ ڪولاڪليڪايا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق …

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي ترڪيه جي نائب پرڏيهي وزير موسيٰ ڪولاڪليڪايا سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻطرفي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اهم علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ غزه جي پٽيءَ ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں