نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل جي ملاقات

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن فلسطيني عوام …

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي پرڏيهي وزير عبدالله خليل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو.

مزید خبریں