نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ موجوده صورتحال پڻ شامل هئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جو ردعمل اشتعال انگيز جارحيت جي …

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر عبدالاطي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران تازي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ موجوده صورتحال پڻ شامل هئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جو ردعمل اشتعال انگيز جارحيت جي مقابلي ۾ انتهائي محتاط پر فيصلائتو رهيو آهي ۽ اسان جي هٿياربند فوج ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ آپريشن ”غضب الحق“ تحت ڪامياب ڪارروايون سرانجام ڏنيون آهن. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں