پاڪ فوج جي جرئتمند جوانن دشمن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري افغان طالبان رجيم جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي: گورنر ڪامران خان ٽيسوري

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري خيبرپختونخوا ۾ افغان طالبان جي بنا اشتعال فائرنگ تي سيڪيورٽي فورسز جي فوري ۽ اثرائتي جواب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي فوج افغان طالبان رجيم کي سر جو جواب پٿر سان ڏنو آهي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي …

ڪراچي-27 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري خيبرپختونخوا ۾ افغان طالبان جي بنا اشتعال فائرنگ تي سيڪيورٽي فورسز جي فوري ۽ اثرائتي جواب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جي فوج افغان طالبان رجيم کي سر جو جواب پٿر سان ڏنو آهي ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي فوج دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي. گورنر سنڌ هوائي فوج ۽ زميني فوج جي ڪارروائين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جرئتمند جوانن دشمن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪري افغان طالبان رجيم جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چتاءُ ڏنو ته افغان طالبان جا ڏند اهڙا کٽا ڪيا ويا هن جو اهي مدتن تائين ياد رکندا، هاڻ به وقت آهي ته طالبان رجيم هوش کان ڪم وٺي، نه ته کين صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. ڪامران خان ٽيسوري واضح ڪيو ته سرحد پار کان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي سلامتي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر وقت چوڪس آهي ۽ سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج سان ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺي آهي، دشمن کي هر ڀيري جيان هن ڀيري به عبرتناڪ انجام جو منهن ڏسڻو پوندو.