پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر طرفان افطار ڊنر منعقد

لاڙڪاڻو - 27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر طرفان افطار ڊنر منعقد ڪيو ويوـ ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو جي نوجوان ميئر جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته لاڙڪاڻو کي محنتي ۽ قابل قيادت ملي آهي. هن چيو ته صوبي سنڌ ۾ بلدياتي نظام کي وڌيڪ اختيار حاصل آهن ۽ ڪراچي کان …

لاڙڪاڻو – 27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ لاڙڪاڻو جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر طرفان افطار ڊنر منعقد ڪيو ويوـ ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو جي نوجوان ميئر جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته لاڙڪاڻو کي محنتي ۽ قابل قيادت ملي آهي. هن چيو ته صوبي سنڌ ۾ بلدياتي نظام کي وڌيڪ اختيار حاصل آهن ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت ۾ مصروف آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلط مهم هلائيندڙ ناڪام ٿيندا، دهشتگردي جو مسئلو ماضي کان هلندو اچي پيو جڏهن ته پاڪستان جي فوج افغانستان جي معاملي تي ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي. هن سڀني سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته گڏيل اختلاف وساري ملڪ جي مفاد لاءِ متحد ٿي ڪم ڪن. افطار پارٽي ۾ شهر جي معزز شخصيتن، صحافين،وڪيلن ، واپاري برادري ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.