وزيراعظم شهباز شريف پاران افغان طالبان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملن کي ڪچلڻ ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي واکاڻ

راولپنڊي -27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان طالبان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملن کي ڪچلڻ ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم ۽ فتنه الخوارج جون پاڪستان جي خلاف ڪارروايون ناقابل قبول آهن، ان حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) …

راولپنڊي -27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان طالبان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملن کي ڪچلڻ ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم ۽ فتنه الخوارج جون پاڪستان جي خلاف ڪارروايون ناقابل قبول آهن، ان حوالي سان زيرو ٽالرنس جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪالهه جمعي ڏينهن جاري بيان موجب دوري دوران عسڪري قيادت وزيراعظم کي افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هدايت ڪئي ته فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان رجيم جي ڳٺ جوڙ ۽ شرپسند ڪاررواين جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي. وزيراعظم واضح ڪيو ته افغان طالبان رجيم ۽ فتنه الخوارج جون پاڪستان جي خلاف ڪارروايون ناقابل قبول آهن. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿو. هن افغان طالبان رجيم جي سرحدي علائقن ۾ حملن کي ڪچلڻ تي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيـٺل آهي.

مزید خبریں