اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۽ فوجي اشتعال انگيزين جي خلاف پاڪستان جي پنهنجي دفاع تحت ڪاررواين، افغان سرزمين تان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران پاڪستان جي خلاف بار بار ٿيندڙ دهشتگرد حملن جڏهن ته 26 فيبروري جي رات طالبان حڪومت جي تازي بنا جواز ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي جواب ۾ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج انتهائي صحيح ۽ هدف تي …
طالبان حڪومت جي تازي بنا جواز ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي جواب ۾ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج جا انتهائي صحيح ۽ هدف تي ٻڌل آپريشنز، دهشتگرد تنظيمن کي وڏو نقصان پهچايو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) افغانستان مان ٿيندڙ دهشتگرد حملن ۽ فوجي اشتعال انگيزين جي خلاف پاڪستان جي پنهنجي دفاع تحت ڪاررواين، افغان سرزمين تان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان پاران پاڪستان جي خلاف بار بار ٿيندڙ دهشتگرد حملن جڏهن ته 26 فيبروري جي رات طالبان حڪومت جي تازي بنا جواز ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي جواب ۾ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج انتهائي صحيح ۽ هدف تي ٻڌل آپريشنز سرانجام ڏيندي دهشتگرد تنظيمن کي وڏو نقصان پهچايو ۽ افغانستان ۾ موجود انهن جي لاجسٽڪ سپورٽ مرڪزن کي نشانو بڻايو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جون اهي ڪارروايون پنهنجي دفاع جي حق تحت ڪيون ويون ته جيئن پنهنجي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ سان گڏوگڏ خطي ۽ ان کان ٻاهر جي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. طالبان حڪومت پاران ڪنهن به وڌيڪ اشتعال انگيزي يا ڪنهن به دهشتگرد گروهه پاران پاڪستان جي عوام جي امن ۽ سلامتي ۽ ڀلائي کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور، مناسب ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي مسئلي جي حل لاءِ صبر ۽ تحمل سان گڏ سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن تنهن هوندي به اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته پاڪستان جي ڪيترين ئي خيرسگالي جي ڪوششن ۽ انتهائي ذميواراڻي طرز عمل کي غلط سمجهيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو جن کي طالبان حڪومت ۽ ڀارت جي فعال حمايت ۽ پٺڀرائي حاصل رهي. پاڪستان، افغانستان مان اڀرندڙ دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ افغان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته اها فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کي افغان سرزمين تان بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڪاررواين جي اجازت ڏيڻ جو سلسلو بند ڪري، اسان اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي طالبان حڪومت کي واضح پيغام ڏيندي ته اها انهن دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کڻڻ جي پنهنجي ذميواري کان نه ڪيٻائيندي ۽ انهن جي حمايت ختم ڪري. پاڪستان گڏيل قومن جي منشور سميت عالمي قانون موجب پنهنجي دفاع جي حق تحت پنهنجي شهرين جي تحفظ جي لاءِ هر مناسب قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.











